GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

موجوده حڪومت واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان انيڪ قدم کنيا آهن: صدر

image
APP30-111121 JAMSHORO: November 11 – President Dr. Arif Alvi addressing to business community at Jamshoro Chamber of Commerce. APP photo by Akram Ali

ڪوٽڙي – 11 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان انيڪ قدم کنيا آهن ۽ انهن قدمن سان ملڪ اندر واپار ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان جي مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ سان ملڪ وڏي معاشي تباهي کان بچي ويو، ان قدم کي دنيا اندر ساراهيو ويو ۽ دنيا ۾ پڻ انهن قدمن جيان عمل ڪيو ويو. اهڙو اظهار هن ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته وزيراعظم عمران خان دنيا جو پهريون وزيراعظم هو جنهن مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪندي ان کان پاسو ڪيو جنهن جا هاڪاري نتيجا نڪتا ۽ پاڪستان هڪ وڏي معاشي بحران کان بچي ويو جنهن جو اعتراف سموري دنيا پڻ ڪيو وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو ته ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي ويندي، هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، موجوده حڪومت واپاري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته موجوده دور جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي ۽ ملڪ ۾ ٻين انڊسٽريز سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري شعبي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان حوالي سان واپاري برادري ۽ انڊسٽري مالڪ پڻ ان شعبي ڏانهن ڌيان ڏين. حڪومتي قدمن سبب ان شعبي کي هٿي ملي رهي آهي ۽ ڪجهه سالن اندر اها ملڪ جي سڀ کان وڏي انڊسٽري طور سامهون ايندي اسان سڀني کي چئون ٿا ته آءِ ٽي انجنيئر پيدا ڪريو جڏهن ته اسان ان حوالي سان هر مهيني لاڳاپيل کاتن سان گڏجاڻيون پڻ منعقد ڪري رهيا آهيون اوهان پڻ ٻئي بزنس سان گڏ آءِ ٽي جي ميدان اڳيان اچو ۽ ان حوالي سان اسٽڊي گروپ سميت سمورا وسيلا ڪتب آڻيو، دنيا ۾ آءِ ٽي انجنيئر جي وڏي ضرورت آهي ۽ ان شعبي جو معيار آهي ان ڏانهن ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته مهانگائي هڪ آزمائش آهي دنيا ۾ تيل سميت ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري پاڪستان پڻ ان آزمائش مان گذري رهيو آهي، صدر مملڪت چيو ته ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائي پئي وڃي ۽ هاڻ پاڪستان هڪ بهترين سياحتي ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪن جي ترقي، پيداوار ۽ جي ڊي پي ۾ سمال انڊسٽريز جو اهم ڪردار آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت ننڍا ننڍا قرض فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪامياب نوجوان پروگرام سميت ٻيا اهڙا پروگرام ڪاميابي سان جاري آهن اوهان نوجوانن ۽ عورتن ۾ شعور پيدا ڪريو ته اهي گهريلو ۽ ننڍين صنعتن جي حوالي سان ان مان فائدو حاصل ڪن. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا شعبا آهن جن کي اسان وساري ويٺا آهيون اسان کي انهن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو هن واپاري برادري ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجين فيڪٽرين ۾ ٻين سان گڏ ڪنهن به معذري جي ور چڙهيل معاشري جي مخصوص ماڻهن کي به روزگار فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي به معاشري جا ڪارآمد شهري ثابت ٿي پنهنجي ڪٽنبن جو پيٽ پالي سگهن. صدر مملڪت چيو ته موجوده حڪومت واپارين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ايمازون جي 50 ساٿري گروپن سان گڏجاڻي پڻ ڪئي وئي، هن چيو ته دنيا اندر پاڪستان برانڊ پيدا ڪريو جنهن جي دنيا ۾ ضرورت آهي ۽ اهو اهڙو ته معياري هجي جو دنيا ان جي واکاڻ ڪرڻ کان رهي نه سگهي. هن چيو ته ايزي گوئنگ ايڪسپورٽ بزنس جي ضرورت آهي جتي به ضرورت پئي ته اسين اوهان سان گڏ هونداسين. هن چيو ته ٽيڪس جي حوالي سان ملڪ 70 سالن کان پريشان آهي واپاري برادري چوي ٿي ته اسين ٽيڪس ڏيون ٿا پر جڏهن ٽجوڙي ڏسون ٿا ته خالي آهي هن واپاري برادري کي چيو ته سنڌ جو گورنر پڻ واپاري گهراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جا دروازا اوهان لاءِ کليل آهن اوهان ان سان رابطي ۾ رهو. هن چيو ته اسان خوشحال ملڪ جا رهواسي آهيون جيڪي خيرات ۾ هڙان وڙان ڏيون ڇڏيون جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ انساني مدد واري ڪيفيت ئي ناهي. هن واپاري برادري کي چيو ته اسين اوهان جي مدد ڪنداسين اوهان اسان جي مدد ڪجو. ان موقعي تي صدر مملڪت ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري جي عهديدارن جي مطالبي تي کين فائر ٽينڊر ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هميشه واپاري برادري جي سپورٽ ڪئي آهي ملڪي ترقي جو دارو مدار پيداوار تي آهي ڪورونا جي صورتحال دوران جيترو اهو شعبو متاثر ٿيو اوترو گذريل 30 سالن ۾ نه ٿيو جڏهن ته ان سان گڏو گڏ سمورا شعبا پڻ تمام گهڻا متاثر ٿيا پر حڪومت جي بهتر پاليسين سبب اسين بچاءُ ۾ رهياسين، هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪوشش هوندي ته اوهان کي اڃا به وڌ رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته ڏکين حالتن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ۽ انهن سخت شرطن تي پڻ عمل ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ايف اي ٽي ايف واري معاملي تي پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍايو وڃي، هن چيو ته صدر پاڪستان جي هدايتن تي فائر ٽينڊر جي حوالي سان ڳالهيون طئه ڪري وٺنداسين ۽ ايم نائن جي حوالي سان اوهان جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽيز سان هڪ گڏجاڻي رکرايون ٿا. هن چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي تي تمام جلد ڪم شروع ٿيڻ واري آهي، ان موقعي تي ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري جي صدر خليل احمد بلوچ، پيٽرن ان چيف ميان توقير طارق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ، پير زمان شاه جيلاني، ميان سمير الدين، فرخ جميل، قمر ضياءُ الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena