حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي
لنڊن – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، الله جي فضل سان حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. هن اها ڳالهه پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت سان گڏجاڻي لاءِ هتي پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي چئي.