نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74 هين اجلاس جي موقعي تي آئرلينڊ جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير سائمن ڪوفيني سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، آئرلينڊ سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي انتهائي گهڻي اهميت ڏي ٿو.