GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

آزادي کانپوءِ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو نه ڪري اسان پنهنجي مٿان ظلم ڪيو: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان طبقاتي ورڇ جي خاتمي لاءِ هڪجهڙو تعليمي نصاب جاري ڪندي چيو آهي ته آزادي کانپوءِ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو نه ڪري اسان پنهنجي مٿان ظلم ڪيو، ماضي جي نصاب جي ڪري معاشرو ٻن طبقن ۾ ورهايل هو، هڪجهڙي تعليمي نصاب سان ملڪ کي هڪ قوم بڻائينداسين، اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم ڏني ويندي، اقليتن کي به انهن جي مذهبن جي تعليم ڏيڻ گهرجي، ذهني غلامي اصل غلامي کان وڌيڪ خراب آهي، هڪ غلام ذهن ڪڏهن وڏا ڪم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي پاڪستان ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 25 سالن کان هڪجهڙو تعليمي نصاب منهنجو خواب هو، ماڻهو اهو چوندا هئا ته اهو ناممڪن ڪم آهي، ماضي ۾ جيڪي صاحب اقتدار ماڻهو هئا ۽ جن کي فيصلا ڪرڻا هئا انهن جا ٻار انهن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا جتي انگريزي ميڊيم تعليمي نظام هو ۽ سڀئي نوڪريون به ان تعليمي نظام لاءِ هيون ۽ معاشري ۾ انهن کي ئي فوڪيت ڏني ويندي هئي. سول سروس ۾ شموليت نوجوانن جي وڏي خواهش هوندي هئي، سول سروس ۾ انگلش ميڊيم تعليم حاصل ڪندڙن کانسواءِ ڪو وڃي ئي نه سگهندو هو، لارڊ ميڪالي 150 سال پهرين انگريزي ميڊيم تعليم جو نظام کڻي آيو هو ۽ ان جو مقصد اهو هو ته انگريز ننڍي کنڊ ۾ اهڙا ماڻهو چاهيندا هئا جيڪي هتي جي ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ انهن جي مدد ڪن، ان لاءِ انگريز طبقاتي تعليمي نظام هتي ٺاهيو. آزادي کانپوءِ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو نه ڪري اسان پنهنجي مٿان ظلم ڪيو، ماضي ۾ انگريزي ميڊيم اسڪول گهٽ هئا اڄ وڌي ويا آهن ۽ ان جي ڪري اسان جي معاشري ۾ طبقاتي ورڇ به وڌي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته جڏهن هن ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي ته لاهور ۽ ايچي سن ڪاليج جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو ڪلچر هڪٻئي کان تمام گهڻو مختلف هو ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڪا به هڪجهڙائي نه هئي. اسان جي ملڪ ۾ تقريبن 8 لک ٻار انگلش ميڊيم ۽ سوال 3 ڪروڙ ٻار اردو ميڊيم ۾ پڙهي رهيا آهن جڏهن ته ديني مدرسن جي شاگردن جو تعداد 26 لک آهي ۽ ٽنهي تعليمي نظام جي سوچ ۽ ان جو ڪلچر مختلف آهي. شروع کان ئي منهنجي اها سوچ هئي ته جڏهن ته موقعو ملندو ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نصاب جو نظام لاڳو ڪندس ته جيئن اسان هڪ قوم ٺهي سگهون ۽ اهو به اندازو هو ته اسان کي ان ۾ مشڪلاتون به درپيش اينديون، ڇو ته جڏهن اشرفيا جو هڪ طبقو هڪ نظام مان فائدو کڻي رهيو هجي ته هو نه چاهيندو ته ان ۾ تبديلي اچي، وزيراعظم چيو ته برطانيه، يورپ ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ هر جاءِ تي هڪ ئي تعليمي نصاب آهي، اسان جي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب جاري ڪرڻ پهريون قدم آهي ۽ ان ۾ وڏيون مشڪلاتون اينديون. جيڪي ماڻهو نٿا چاهين ته نصاب ۾ تبديلي ٿئي اهي ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندا ته اهو ڪم نٿو ٿي سگهي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجا دليل به ڏيندا، پر انسان جڏهن وڏي سوچ سان قدم کڻندو آهي ته هو ڪامياب ٿيندو آهي ۽ ڪاميابي جو راز اهو آهي ته جڏهن توهان وڏو قدم کڻون ته پنهنجون ٻيڙيون ساڙي اڳتي وڌو ۽ پوءِ واپسي جو نه سوچيو. هن چيو ته سڀني مشڪلاتن جي باوجود اسان ملڪ کي هڪ قوم ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آهي ته اسان اعليٰ تعليم لاءِ صرف انگريزي زبان ئي نٿا سکون پر ان جو پورو ڪلچر اختيار ڪري وٺندا آهيون ۽ اهو سڀ کان وڏو نقصان آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته پوءِ اسان ان جي ثقافت کي پنهنجي ثقافت تي ترجيح ڏئي رهيا هوندا آهيون ۽ هڪ ٻئي ڪلچر جا غلام بڻجي رهجي ويندا آهيون. وزيراعظم چيو ته ذهني غلامي اصل غلامي کان وڌيڪ خراب آهي، ذهني غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ وڌيڪ مشڪل هوندو آهي. هڪ غلام ذهن ڪڏهن به وڏو ڪم نٿو ڪري سگهي، ڪنهن جي نقل ڪري اڳتي نٿو وڌي سگهجي، جدت پسندي اڳتي وٺي ويندي آهي، ان لاءِ غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ گهڻو ضروري آهي، هڪجهڙي تعليمي نصاب سان اسان جا نوجوان هڪ رخ ۾ ويندا. وزيراعظم چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم ڏني ويندي. جنهن تي جلد ڪم مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي تعليم واري وزير 24 -2023ع جي ڊگهي تاريخ ڏئي رهيو آهي، پنجن ڇهن ۾ مهينن ۾ ان تي غور ڪر ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. دنيا جي تاريخ ۾ حضور اڪرم ﷺ کان وڌيڪ ڪنهن جا ڪارناما نه آهن، حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه تاريخ جو حصو آهي، ان لاءِ قرآن پاڪ اسان کي ان جي تعليمن تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪندو آهي، وزيراعظم چيو ته علامه اقبال انتهائي ذهن شخصيت هو، هن اسلام جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو ۽ جڏهن هن اولهه جو مطالعو ڪيو ته پوءِ بهتر تجزيو ڪيو ۽ ان جو تجزيو اڄ جي حالتن کان به هڪجهڙائي رکي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ اهڙي طرح جا اسڪالر نه آهن هتي يا ته اهي ماڻهو ويٺا آهن جيڪي اولهه کان متاثر آهن ۽ ٻي طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي اولهه کي ڄاڻيندا ئي ناهن. وزيراعظم چيو ته دنيا کي اڄ گلوبل وارمنگ جو مسئلو درپيش آهي ۽ انساني لاکچ ڪري دنيا جي اها حالت ٿي وئي آهي ته هتي انسايت کان وڌيڪ پئسي جو قدر آهي، 60، 70 ماڻهن وٽ ايتري دولت آهي جيتري 3 ارب ماڻهن وٽ هوندي، وزيراعظم چيو ته صرف تعليم ئي ڪافي نه آهي، ان سان گڏوگڏ انسانيت ۽ اخلاقيات به ضروري آهي، ان سان اسان انهن ماڻهن کان به بچي سگهنداسين جيڪي دين جو نالو پنهنجي ذات، سياست ۽ پئسو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، جيڪڏهن نوجوانن کي خبر پئجي وڃي ته پوءِ هو اهڙن ماڻهن کان آزاد ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته اقليتن کي به ان جي مذهبن جي تعليم ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو سڀني مذهبن جو بنياد انسانيت آهي، هن چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود وڏي محنت ۽ مشڪلاتن کانپوءِ هڪجهڙي تعليمي نصاب تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو. جنهن تي ان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان کان اڳ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود به تقريب کي خطاب ڪيو.

مضمون کا ماخذ : رومن دولت