GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏنو: صدر

image
APP39-170921 ISLAMABAD: September 17 - President Dr. Arif Alvi addressing the launching ceremony of State Bank of Pakistan's Banking on Equality Policy at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت ۾ عورتن جي شموليت يقيني بڻائڻ سان مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو ٿيندو، دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي بااختيار بڻايو، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران مالي شموليت (فنانشنل انڪليوزن) ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي بئنڪنگ پاليسي“ جي رونمائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ صدر جي گهرواريءَ ثمينه علوي، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، وفاقي وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر سيمه ڪامل، مختلف بئنڪن جا سربراهه ۽ سي اي اوز، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ بئنڪن ۽ مالي ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عورتن کي مالي طور تي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ انهن کي بااختيار نٿو بڻائي سگهجي. دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي بااختيار بڻايو ۽ سوره نساءَ ۾ عورتن جي وراثت ۽ حقن جو تعين ڪيو ويو، انگلينڊ ۾ 20 هين صدي تائين عورتن کي وراثتي ۽ مالي حق نه مليا هئا، صدر چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ ترجيحن جو نئين سري سان تعين ٿي رهيو آهي، جيئن جيئن عورتون بااختيار ٿينديون انهن جو استحصال نه ٿي سگهندو، صدر چيو ته جديد دور جي گهرجن موجب اسان کي پنهنجي معاشري کي سمجهندي ان موجب قدم کڻڻا پوندا. صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ان حوالي سان مختلف قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه خوشي واري آهي ته عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان تازن ڏينهن ۾ ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا آهن، صدر بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ تازي فيصلي جي تعريف ڪئي، جنهن ۾ عدالت قرار ڏنو آهي ته جيستائين ڪنهن عورت جي نالي وراثت منتقل نه ٿيندي ان وقت تائين اها جائيداد ڪنهن کي بخشي ۽ تحفي ۾ نٿي ڏئي سگهجي، صدر چيو ته عورتون حقيقي معنيٰ ۾ ان وقت بااختيار هونديون جڏهن پنهنجي مسئلن تي انهن کي اختيار هجي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيون بئنڪون 2023ع تائين عورتن جي بئنڪ اڪائونٽس جي تعداد ۾ اضافي جو جيڪو هدف مقرر ڪيو آهي اهو خوش آئنده آهي، صدر تجويز پيش ڪئي ته جيڪڏهن احساس ڪيش پروگرام جي رقم عورتن جي رقم ۾ سڌو سنئون منتقل ڪئي وڃي ته ان سان عورتن جي بئنڪ اڪائونٽس هدف کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافو ٻه اهڙا وڏا عمل آهن جيڪي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته مالي شموليت جي عمل سان جيئن جيئن عورتون بااختيار ٿينديون معاشري ۾ بهتري ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيون بئنڪون عورتن لاءِ ننڍا قرض فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ انهن قرضن سان عورتن جو گهربل تعداد فائدو نٿو وٺي سگهي، ان حوالي سان عورتن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. عورتن جي غير سرڪاري تنظيمن ۽ عورت پارليامينٽرين کي ان سلسلي ۾ پنهنجو فعال ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان سڀ گڏجي هڪ خوبصورت معاشرو جوڙي سگهون ٿا. بعد ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر مالي شموليت (فنانشل انڪليوزن) ۾ عورتن جي شرڪت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي بئنڪن پاليسي“ جا اهم نقطا واضح ڪيا ۽ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پوئتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ مالي خدمتن جي فراهمي سان گڏوگڏ عورتن جي مالي شموليت ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال