فيصل آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڏينهن رات عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ تمام وڏي فوڊ سپورٽ پروگرام جو اعلان ٿيڻ وارو آهي جنهن تحت هيلٿ ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ، سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ ۽ ليبر ڪارڊ وانگر راشن ڪارڊ ذريعي غريب ماڻهن کي فوڊ سپورٽ پروگرام تحت اربين رپين جي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني ويندي. هو 7 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پنهنجي تڪ نيابت اين اي 108 فيصل آباد جي علائقي فيڪٽري ايريا ۽ سر سيد ٽائون ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاح، گورنمينٽ سول ڊسپينسري فيڪٽري ايريا جي ٻيهر تعمير، سيوريج لائين گنيش مل روڊ کان شفيع چوڪ ۽ گيان ملز، عزيز ڪالوني ۽ لال ملز چوڪ جي رستن جي ڪارپيٽنگ ۽ پي سي سي گهٽين جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته عمران خان کي غريب ماڻهو خاص طور تي ڪرائي جي گهرن ۾ رهندڙن جو تمام گهڻو خيال آهي جن جو نه گهر پنهنجو نه زمين پنهنجي نه ڇت پنهنجي آهي تنهن ڪري عمران خان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بئنڪن کي پابند ڪيو ته جهڙي طرح اهي وڏن وڏن بزنس مينن، سيڙپڪارن، صنعتڪارن ۽ ٻين شعبن کي قرض ڏين ٿيون اهڙي طرح اهي پنهنجي گهر جي تعمير جي لاءِ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پڻ قرض ڏين جنهن تي سمورين بئنڪن قرضن جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ هيستائين 200 ارب رپين جي قرضن جي لاءِ 57 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن جن مان 180 ارب رپين جا قرض منظور ۽ 19 ارب رپين جا قرض جاري پڻ ٿي چڪا آهن اهڙي طرح هاڻي لکين بي گهر ماڻهن جو پنهنجو گهر پنهنجي زمين پنهنجي ڇت جو خواب پورو ٿيندو. هن چيو ته ٻيو وڏو مسئلو صحت جي لاءِ وسيلن جي فراهمي جو آهي ڇو ته ڪيترائي غريب ماڻهو علاج جي سگهه نه هجڻ سبب الله کي پيارا ٿي ويندا هئا پر هاڻي ائين نه ٿيندو ڇو ته جهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ جاري ٿي چڪو آهي اهڙي طرح ايندڙ مهيني ڊسمبر جي آخر تائين پنجاب جي سموري آبادي ۽ هر خاندان کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو جنهن سان اهي ساليانو 10 لک رپين تائين پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاتين جو پسند جي اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي سگهندا ۽ هاڻي ڪنهن جو پيارو بنا علاج جي الله کي پيارو نه ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته حڪومت کي مهانگائي جي حوالي سان عوام جي پريشاني جو تمام گهڻو احساس آهي پر جيئن ته عالمي سطح تي گذريل 50 سالا مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن. هن چيو ته اسان اسحاق ڊار وانگر پيٽرول تي 50 رپيا في ليٽر ٽيڪس نه وٺي رهيا آهيون پر اسان پنهنجي روينيو ۽ ٽيڪسز ۾ جيترو ٿي سگهيو گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله وزيراعظم جي فوڊ سپورٽ پروگرام جي اعلان سان گهٽ آمدني وارن خاندانن ۽ غريب ماڻهن کي زبردست ريليف ملندو ڇو ته انهن کي سبسڊي رکندڙ راشن ڪارڊ ملڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي پر ڪالهه اهي ئي ماڻهو ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ويا ۽ ڊيفالٽ جي ويجهو پهچائڻ سميت ان جون پاڙون کوکليون ڪري ويا هئا ان لاءِ انهن کي گهرجي ته جيڪڏهن انهن کي عوام جو ايترو ئي درد آهي ته اهي ملڪ ۽ قوم جو ڦريل اربين رپين جو سرمايو ٻاهرئين ملڪن مان واپس پاڪستان آڻين ته جيئن هتان جي عوام کي مناسب ريليف ملي سگهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان جي مانچسٽر ۽ ٽيڪسٽائيل حب فيصل آباد کي ٽيڪسٽائيل ۽ پاور لومز جو قبرستان بڻايو ويو هو پر اسان جي حڪومت جي حڪمت عملي سان هاڻي اهو ٻيهر ٽيڪسٽائيل جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي ۽ هتي انڊسٽري جو ڦيٿو هلڻ سميت ايڪسپورٽ ۾ اضافو ۽ رڪارڊ ٽيڪس پڻ گڏ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي اسان جي ڪوششن سان آبادگار خوشحال ٿي رهيو آهي ۽ ان کي هلندڙ سال 1100 ارب رپيا اضافي مليا آهن جڏهن ته هن ڀيري اسان جي ڪمند جي فصل پڻ انتهائي شاندار ٿي آهي جنهن سان هلندڙ مهيني نومبر ۾ شگر ملز هلڻ ۽ ڪريشنگ سيزن شروع ٿيڻ سان ڪيترائي ڀيرا اضافي کنڊ پيدا ٿيندي ۽ کنڊ جا اگهه به گهٽ ٿيندا. فرخ حبيب چيو ته ڪپهه جي فصل 6 ملين مان وڌي ساڍا 9 ملين تائين پهچي وئي آهي، مڪئي جي پيداوار ۾ 18 سيڪڙو، چانور جي پيداوار ۾ 19 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي اهڙي طرح پهريون ڀيرو اوليو آئل جي لاءِ وڻ لڳايا پيا وڃن جنهن جي لاءِ هڪ ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو پڻ ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان هن ڀيري نه رڳو ڪڻڪ جي شاندار پيداوار ۾ پاڻڀرا ٿي وينداسين پر ان جي برآمدات جي ذريعي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائينداسين. هن چيو ته 1967ع کانپوءِ ملڪ ۾ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو پر اڳوڻن چور ۽ ڦورو حڪمرانن مهانگي ترين بجلي جا اهڙا معاهدا ڪيا جو بجلي ٺهي نه ٺهي، عوام بجلي وٺي يا نه وٺي اسان کي انهن کي ڪيپسٽي پيمنٽ ڪرڻي آهي. هن چيو ته ايندڙ سال تائين انهن مهانگن بجلي گهرن جي ڪيپيسٽي پيمنٽ 1500 ارب رپيا ٿي ويندي پر ان جي ابتڙ اسان جي حڪومت تربيلا کانپوءِ پهريون ڀيرو ديامير ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم ۽ مهمند ڊيم سميت 10 نوان ڊيم تعمير ڪري رهي آهي جن جي مڪمل ٿيڻ سان 10 هزار ميگاواٽ سستي بجلي پيدا ٿيندي. فرخ حبيب چيو ته زرداري، نواز شريف، شهباز شريف قوم جا اربين رپيا ڦري لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ محل ۽ ملڪيتون ٺاهيون پر عمران خان نه لنڊن ۾ ملڪيت ٺاهي نه محل تعمير ڪيا پر سندس جيئڻ مرڻ عوام سان گڏ آهي ۽ هو ڏينهن رات عوام جي لاءِ محنت ۽ ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ۽ ان جي عوام ترقي ڪري خوشحال ٿي سگهي. هن چيو ته عمران خان جو مقصد غريب عوام کي غربت جي لڪير کان مٿي آڻڻ آهي جنهن جي لاءِ هو پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته وڏيون وڏيون امپورٽيڊ گاڏيون، وڏا وڏا مهانگا بيگ کڻي ۽ مهانگا ترين لباس پائي عوام جو ڏک ختم نه ٿو ڪري سگهجي تنهن ڪري جيڪڏهن عوام جا ڳوڙها سڪائڻا آهن ته انهن جو ڦريل سرمايو واپس ڪريو ته جيئن توهان وانگر انهن جي حالت به بهتر ٿي سگهي. فرخ حبيب چيو ته الله جي فضل سان آٽو موبائيل، سيمنٽ، انجنيئرنگ، ڪنسٽرڪشن، انرجي سميت سمورا سيڪٽر ترقي ڪري رهيا آهن جنهن سان معيشت کي استحڪام ملي رهيو آهي ۽ اسان معيشت کي سسٽين ايبل گروٿ ڊيولپمينٽ طرف وٺي وڃي رهيا آهيون جنهن سان ملڪ ۾ جلد خوشحالي ايندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت رڳو زباني دعوائن بدران ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته هيلٿ ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام تحت 34 پروگرامن سان هر طبقي جي عوام کي ريليف ملي رهيو آهي اهڙي طرح نوجوان طبقي جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت قرضن سان نوجوان طبقو پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪري پاڻڀرو ٿي سگهندو. هن چيو ته انشاءَ الله خدمت جي ان مشن کي پوري محنت، لگن ۽ جوش ۽ جذبي سان جاري رکنداسين. هن چيو ته عمران خان مختلف مافياز جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ۽ ملڪ ۽ قوم جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو ويندو. هن تڪ جي حوالي سان چيو ته آئون توهان جي مسئلن کي ڄاڻان ٿو ۽ توهان جي علائقي جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ منهنجي ترجيح آهي. هن چيو ته ريلوي روڊ جي اين او سي وٺي روڊ تعمير ڪرائينداسين ۽ هڪ ڪروڙ 20 لک جي لاڳت سان سيوريج لائين مڪمل ٿيندي. فرخ حبيب چيو ته اين اي 108 جي هر يونين ڪائونسل ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳائي رهيا آهيون جن ۾ ڪيترائي پلانٽ چالو ٿي ويا آهن ۽ باقي جي تنصيب پڻ جلد ٿي ويندي. هن چيو ته سندس مشن تڪ کي پارڪس جو ڳڙهه بڻائڻ آهي ته جيئن ماڻهن کي صاف سٿري سير ۽ تفريح جون سهولتون ملي سگهن جنهن جي لاءِ قدم جاري آهن. فرخ حبيب چيو ته فيصل آباد جي ترقي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن جن جا ثمر جلد اچڻ شروع ٿي ويندا.