GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو: صدر

image

اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، سياحت جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي کوٽ تربيت سان پوري ڪري سگهجي ٿي، سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن ۾ بهتري سان ان شعبي کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پهاڙن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ”پهاڙن ۾ پائيدار سياحت ۽ راندين جي ترقي“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي سياحت جو وڏو شوق آهي، پاڪستان دنيا جي خوبصورت ملڪن مان هڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جا بي شمار مذهبي ماڳ ۽ آثار آهن، ملڪ ۾ مذهبي ۽ ثقافتي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سنڌو درياءُ، موهن جو دڙو تهذيب جو مرڪز رهيو آهي، هن چيو ته قدرتي ماحول سان وقت گذارڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي، سياحت سان گڏوگڏ ماحول کي به بچائڻو آهي، وقت سان گڏوگڏ سياحتي ماڳن تي دٻاءُ وڌيو آهي، صدر چيو ته نامناسب منصوبابندي جي ڪري سياحتي ماڳن جو حسن خراب ٿيو آهي، آلودگي ۽ تيزي سان تعميرات جي ڪري به دلڪش نظارن جي خوبصورتي متاثر ٿي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي حسن جي دولت سان مالا مال ڪيو آهي، پاڪستان فطرتي حسن جي ڪري سڄي دنيا مان سياح پاڪستان ايندا آهن، ڪورونا وبا دوران عالمي سطح تي آمدرفت بند هجڻ جي ڪري مقامي سياحن پاڪستان جي قدرتي حسين مناظر ڏسڻ لاءِ سياحتي ماڳن جو رخ ڪيو جنهن سان پاڪستان جي قدرتي حسن کي تهشير ملي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ حسين مناظر مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ سياح ڇڪجي ايندا آهن، گلگت بلتستان ۾ مقامي آبادي کان وڌيڪ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ايندا آهن، مقامي آبادي انهن سياحن کي پنهنجي گهرن ۾ قيام ۽ طعام جي سهولت فراهم ڪندي آهي، بئنڪن پاران مقامي آبادين کي انهن جي گهرن جي توسيع لاءِ بنا وياج قرض ڏنا پيا وڃن، مقامي آبادي کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي سياحت جي شعبي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو، سياحتي سهولتن جي طلب تمام گهڻي آهي پر ايتري سهولت دستياب نه آهي. صدر چيو ته سياحت جي شعبي بابت لاڳاپيل انساني وسيلن جي کوٽ آهي، اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت ماڻهن کي سياحتي شعبي سان لاڳاپيل صنعتن جي ٽريننگ ڏيڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي يونيورسٽين ۾ گائيڊز، هوٽل مينيجرز ۽ ڊرائيورز جي شارٽ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته سياحتي شعبي بابت سهولتن ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري آڻي وڌ کان وڌ ماڻهن کي سياحت طرف متوجهه ڪري سگهجي ٿو، وزيراعظم عمران خان پاڻ سياحت ۽ خوبصورت نظام کي پسند ڪندو آهي ۽ هو ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هي ملڪ ۾ سياحت کي تيزي سان فروغ ڏيڻ جو بهترين وقت آهي، اسان کي دنيا کي پنهنجي ملڪ جا خوبصورت ماڳ ڏيکارڻا آهن، ان سان ملڪ ۾ روينيو به ايندو. ان موقعي تي ڪوهه پيما محمد علي سدپاره مرحوم سميت ٻين هيروز لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلند ترين چوٽيون سر ڪندڙ ڪوه پيمائن ۾ ايوارڊز ورهايا.

مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا