GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام

image

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي 74 سالن جي سفر دوران ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ گڏيل تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، ملڪ جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسان ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، اڄوڪي ڏينهن قوم وچن ڪندي ته اسان قائداعظم جي نظرين تي عمل ڪندي پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين.
پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته مون پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي پرمسرت موقعي تي پنهنجي وطن واسين جي خوشي ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اهو ڏينهن اسان کي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ ٺاهيو، کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پنهنجي 74 سالن واري سفر دوران پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو، پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ قوم جي تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، پاڪستاني قوم هڪ ذهين ۽ بهادر قوم آهي ۽ مختلف شعبن ۾ اسان جون نمايان ڪاميابيون اسان کي ٻين قومن کان مشهور ڪن ٿيون،
صدر چيو ته دنيا کي ان ڳالهه جي تعريف ڪرڻي پوندي ته پاڪستان انفرادي طور تي دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي ۽ آخر ڪار ان لعنت کي شڪست ڏني. اهڙي طرح پاڪستان جو جوهري طاقت بڻجڻ به هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ اسان جي جوهري صلاحيتن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. صدر عارف علوي چيو ته اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان کانسواءِ ڪورونا وبا جي خلاف پاڪستان جي موثر قدمن کي به عالمي سطح تي ساراهيو ويو، ڪورونا وبا جي خلاف ان عظيم ڪاميابي تي آئون ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس، عالم سڳورن، ميڊيا، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
هن چيو ته اسان جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، انهن ڪاميابين جي باوجود پاڪستان کي هاڻي به سماجي ۽ معاشي محاذن تي مختلف چئلينجز درپيش آهن. انهن چئلينجز ۾ وڌندڙ آبادي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي کوٽ، ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي، غذائي کوٽ ۽ ٻيون بيماريون شآمل آهن، صدر چيو ته اها هڪ حوصلي واري ڳالهه آهي ته حڪومت قرضن ۽ هنر جي فراهمي جي ذريعي عورتن ۽ معذور ماڻهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، وڌيڪ حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن کي تعليم، صحت ۽ مالي امداد جي فراهمي لاءِ ”احساس پروگرام“ تحت سماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن. تنهن هوندي به اسان کي خصوصي ماڻهن جي سهولت، ڀلائي ۽ ترقي ۽ وراثت ۾ عورتن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائن لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر چيو ته هن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان ڪشمير تڪرار تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون آهن، آئون پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل رهندو. آئون بين الاقوامي برادري کي اپيل ڪريان ٿو ته اهو ڀارت کي مجبور ڪري ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ڪشميرين کي انهن جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري، صدر عارف علوي چيو ته اچو ته اسان وچن ڪريون ته قائداعظم محمد علي جناح جي نظرين تي عمل ڪنداسين ۽ پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔