GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين

image

اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي مسودي تي سمورين ڌرين سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن، ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ ڪجهه سالن ۾ 25 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، پاڪستان برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، اميد آهي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان ۾ تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بابت آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو مقصد ميڊيا جي ترقي ۽ موثر استحڪام جي لاءِ ٺوس موقف کي يقيني بڻائڻ ۽ ميڊيا پريڪٽيشنرز ۽ ڪنزيومرز کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري قدرن جو تحفظ، فروغ ۽ تنقيد جو حق ڪنهن به مهذب جمهوري معاشري جي لاءِ لازمي آهي. چوڌري فواد حسين برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته هن وقت 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا جي ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ امپلي مينٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپرز ايپملائيز شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن ريگيوليشن جي موجوده طريقيڪار تحت اٽڪل اڌ درجن فرسوده قانون موجود آهن جيڪي ميڊيا جي جديد دور جي گهرجن کي پورو نه ٿا ڪن. هن چيو ته تجويز ڪيل فريم ورڪ عالمي طريقن موجب چئلينجز کي ختم ڪندو ته جيئن پاڪستان کي ملٽي ميڊيا انفارميشن اينڊ ڪانٽينٽ سروسز جي لاءِ هڪ وڏو عالمي مرڪز بڻائي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جديد دور جي گهرجن موجب هڪ واحد قانون آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ميڊيا پليٽ فارمز ۽ شهرين جي لاءِ سهولتن تي ڌيان هجي. هن چيو ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ترقي، جدت، ڊيجيٽل معيشت تربيت ۽ تحقيق تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ پريس ڊائريڪٽوريٽ، ڊيجيٽل ميڊيا اينڊ فلم ڊائريڪٽوريٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ، ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل هوندا. هن چيو ته هڪ جمهوري معاشرو هجڻ جي ڪري پاڪستان ۾ ميڊيا جو هڪ متحرڪ منظرنامو آهي، پاڪستان ۾ 114 سيٽلائيٽ ٽيليويزن چينلز ڪم ڪري رهيا آهن جن مان 31 نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جا چينلز آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ايف ايم چينلز جو مجموعي انگ 258 آهي جن مان 196 ڪمرشل ۽ 62 نان ڪمرشل آهن. هن ٻڌايو ته اطلاعات واري مملڪتي وزير جي صدارت ۾ قائم ڪميٽي نجي شعبي جي ڌرين سان مشاورت جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان ڪميٽي اي پي اين ايس، سي پي اين اين، پي بي اي ۽ پي ايف يو جي جي عهديدارن ۽ پريس ڪلبن سان اجلاس منعقد ڪيا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي هاءِ ڪمشنر تجويز ڏني ته پي ايم ڊي اي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي يقين ڏياريو وڃي ته هي اٿارٽي صحافين جي سهولت لاءِ آهي جڏهن ته ان سان تنقيد جو حق متاثر نه ٿيندو. ملاقات ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي ڇو ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي انگن اکرن جي حوالي سان برطانيا جا ڪيترائي خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن.

مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا