GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم مقامي حڪومتن جي مضبوط نظام تي يقين رکي ٿو: چوڌري فواد حسين

image
APP01-280921 ISLAMABAD: September 28 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain addressing a National Conference on Local Democracy and Moving Forward. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم مقامي حڪومتن جي مضبوط نظام تي يقين رکي ٿو، بااختيار بلدياتي حڪومتن جو نظام پاڪستان جي مسئلن جو حل آهي، آرٽيڪل 140 اي لاڳو نه ٿيڻ سڀ کان وڏو مسئلو آهي، لوڪل گورنمينٽ نظام نه هجڻ جي ڪري صوبن جا پئسا برابري جي بنياد تي ضلعن ۾ خرچ ناهن ٿيندا، جديد جمهوريت ۾ هيٺ کان مٿي طرف ڏسڻو پوندو، اسان جي شهرن ۾ بينادي مسئلو گورنننس جو آهي، جيستائين اسان پنهنجي سوچ نه بدلائينداسين ته ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، صوبن ۾ پروونشل فنانس ڪميشن ايوارڊ نه هجڻ جي ڪري ضلعن ۾ شڪايتون اينديون آهن، اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي حڪومتن جي حوالي سان قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته مقامي حڪومتن جي مضبوط نظام کانسواءِ ملڪ جو نظام ٺيڪ نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته تاريخ کي ڏسون ته مطلق العنان بادشاهت کان جمهوريت طرف سفر آهستي آهستي طئي ٿيو، 1216ع کان 1226ع تائين ميگنا ڪارٽا جي دور کانپوءِ جديد جمهوريت سامهون آئي، هندستان ۾ 1857ع تائين آزادي جي جنگ ٿي، ان وقت بادشاهه کي ذي السبحاني چيو ويندو هو، حڪومت ۽ ماڻهو ذي السبحاني طرف ڏسندا رهندا هئا، اطلاعات واري وزير چيو ته 16 هين ۽ 17 هين صدي ۾ جديد جمهوريت آئي، بل آف رائٽس منظور ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته ٽيڪس جو پئسو بادشاهه پنهنجي مرضي سان خرچ نه ڪري سگهندو، ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار چونڊيل نمائندن کانسواءِ ممڪن نه هوندو، ٽيڪس ان وقت لڳندو جڏهن عوام جا چونڊيل نمائندا اجازت ڏيندا. ان جمهوريت جو آغاز 17 هين صدي کان برطانيه جي پارليامينٽ مان ٿيو، اهڙي طرح بادشاهه جا اختيار گهٽ ٿيندا ويا. هن چيو ته مقامي حڪومت جي نظام جي جديد شڪل ۾ عوام بااختيار ٿيندي وئي، جديد جمهوريت ۾ هيٺ کانم ٿي طرف ڏسڻو پوندو، ان جي لاءِ مقامي حڪومتن جو نظام ئي بهترين نظام آهي. ان جو چوڻ هو ته 2006ع ۾ مقامي حڪومتن جو نظام شروع ٿيو ته ان ۾ هڪ خامي اها هئي ته صوبن جا اختيارن ته منتقل ڪيا ويا پر وفاق جا اختيار منتقل نه ڪيا ويا، صوبن جي تمنا رهجي وئي ته انهن وٽ ڪجهه ناهي، پوءِ 18 هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ٿيندڙ اختيار هيٺ کان مٿي منتقل ڪيا ويا، اهڙي طرح اختيارن جي منتقلي جو جيڪو فائدو ٿيڻ گهربو هو اهو نه ٿي سگهيو. هن چيو ته گورننس ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آرٽيڪل 140 اي تي عملدرآمد نه ٿيڻ آهي، ان آرٽيڪل (140 اي) تحت سڄي پاڪستان مان ٽيڪس گڏ ٿي وفاق وٽ ايندو آهي ۽ وفاقي حڪومت پاران 60 سيڪڙو ٽيڪس صوبن ڏانهن هليو ويندو آهي، 23 سالن ۾ صرف پنجاب کي تقريبن 2300 کان 2400 ارب منتقل ٿيا، سنڌ کي تقريبن 1700 ارب روپيا ويا، بلوچستان جي آبادي فيصل آباد ڊويزن جي آبادي جي لڳ ڀڳ آهي، ان کي تقريبن 700 ارب روپيا ويا، اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 900 کان 1000 ارب روپيا ويا، هن چيو ته مقامي حڪومتن جي سڀ کان وڏي مخالفت چيف منسٽرز طرفان اچي رهي آهي. هن چيو ته هڪ مسئلو اهو درپيش آهي ته وفاقي حڪومت کان پسئو صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ چيف منسٽر آفيس ۾ ڦاسجي ويندو آهي، ٻي مرحلو اهو آهي ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز راضي ئي نه آهن ته هو پوليس، ٺيڪيدار ۽ پٺواري کان مٿانهين سوچ رکن. هن چيو ته جيستائين اسان پنهنجي سوچ نه بدلائينداسين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته سنڌ مان هڪ طرف 1700 کان 1800 ارب روپيا اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ ڏنا ويا پر ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت هڪ روپيو خرچ ناهن ڪندي اتي جا ماڻهو چون ٿا ته اسان پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو آهي، وفاقي حڪومت 1100 ارب روپيا ڪراچي ۾ لڳايا، هن چيو ته اسلام آباد کان ويهي ڪراچي جا مسئلا ڪهڙي طرح حل ڪري سگهجن ٿا، ان جو واحد حل مقامي حڪومتن جو نظام آهي، هن چيو ته هن وقت اين ايف سي ايوارڊ تحت پئسا صوبن ۾ ورهايا ويندا آهن پر صوبن ۾ پروونشل فائنانس ڪميشن ايوارڊ ئي ناهي هوندو، خيبرپختونخوا ۾ هڪ نظام جوڙيو ويو پر باقي ٽنهي صوبن ۾ پروونشل فائنانس ڪميشن ايوارڊ نه ٿي رهيو آهي، ان سان ضلعن جي طرفان شڪايتون اينديون آهن، هن چيو ته ماضي ۾ شهباز شريف اين ايف سي ۾ ملندڙ پنجاب جو وڏو حصو صرف لاهور تي خرچ ڪري ڇڏيو. 260 ملين ڊالر صرف لاهور ٽرين تي لڳائي ڇڏيا، ان جو ڀاڙو به پورو نه ٿي رهيو، جهلم، ليه، چڪوال جي حصي جا پئسا لاهور ۾ ڏنا پئي ويا، هن چيو ته ايران تي پابندين جي باوجود تهران ساليانو 500 ملين ڊالر پنهنجي ماڻهن تي خرچ ڪندو آهي، اهڙي طرح ممبئي هڪ ارب ڊالر ساليانو گڏ ڪندو آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته اسان جي شهرن ۾ بنيادي مسئلو گورننس جو آهي، هن جو چوڻ هو ته مقامي حڪومتن جو هڪ مضبوط نظام پاڪستان جي آئين جي ڊمانڊ آهي، پاڪستان جي ماڻهن جي مسئلن جو حل مقامي حڪومتن جي نظام ۾ آهي. مستقبل جي ان نظام جي لاءِ پاڪستان جي هر سياسي شعور رکندڙ ماڻهن کي ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری